ڪراچي: پراڊو گاڏي مان رٽائرڊ آفيسر ۽ عورت جا لاش هٿ

ڪراچي: درخشان پوليس موجب سي ويو بلاڪ 28 ۾ بيٺل هڪ پراڊو گاڏي مان رٽائرڊ سرڪاري آفيسر ۽ عورت جا لاش هٿ آيا آهن.پوليس موجب مرد جي سڃاڻپ شهباز ملڪ جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو هڪ سرڪاري اداري مان رٽائرڊ آفيسر هو، جڏهن ته عورت جي سڃاڻپ فوري طور نه ٿي سگهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور لڳي رهيو آهي ته ٻنهي جو موت گاڏي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي، جڏهن ته حتمي سبب ميڊيڪل رپورٽ بعد ئي معلوم ٿي سگهندا.لاشن کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.