پڪنڪ تان واپس ايندڙ خاندان جي گاڏي سان حادثي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو اختيارين موجب اهو واقعو ماڙي پور ۾ گڏهه گاڏي چوڪ جي ڀرسان پيش آيو جتي هڪ گاڏي نالي جي ديوار سان ٽڪرائجي وئي ريسڪيو اختيارين موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيم موقعي تي پهچي زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو. حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿيا آهن جن ۾ مرد، عورتن سميت 2 ٻار به شامل آهن انهي کان علاوه حادثي ۾ 4 ڄڻا زخمي به ٿيا جن ۾ مرد، عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب حادثي جو شڪار خاندان پنجاب جو رهواسي آهي، فوتين ۽ زخمي ٿيندڙن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي متاثر خاندان پڪنڪ ملهائي هاڪس بي کان واپس اچي رهو هئو ته حادثو پيش آيو.