ڪراچي پوليس ڊيوٽي دوران سوشل ميڊيا جي استعمال تي ڪارروائي جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڊيوٽي دوران سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي طرفان ڊيوٽي دوران سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي معطل ڪيل اهلڪارن ۾ 3 عورتون ۽ 9 مرد شامل آهن.ڪراچي پوليس چيو آهي ته گذريل ڏينهن به 6 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو هو ۽ اڃان تائين معطل اهلڪارن جو انگ 18 ٿي ويو آهي. اهلڪارن جي معطلي بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، زونل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز ڪراچي کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي آهي ته اخلاق کان ڪريل وڊيو، وائس اوور، پلي بيڪ گانا ۽ بدلحاظي تي ٻڌل وڊيو تي ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙن پوليس ٽڪ ٽاڪرز جي خلاف فوري طور تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.