ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد گورنمينٽ وٽرنري اسپتال ملير جو دورو ڪيو ۽ رين ايمرجنسي دوران چوپائي مال کي بيمارين کان بچاءَ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو.ان موقعي تي ساڻس مقامي پارٽي اڳواڻ رفيق دائود جت ۽ محسن شيخ پڻ گڏ هئا، جڏهن ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالحنان رائو، ڊپٽي ڊائريڪٽر پولٽري ڊاڪٽر هريش ڪمار، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري ڊاڪٽر گورڌن ڍاٽي، ڊاڪٽر سيد هسيم لطيف ۽ ٻين سندن استقبال ڪيو.ڊپٽي ميئر کي لائيو اسٽاڪ، اينيمل هسبينڊري ۽ پولٽري بابت کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. سلمان عبدالله مراد چوپائي مال ۽ پولٽري کي بيمارين کان بچاءَ لاءِ کاتي جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته:”اسان جي ڪوشش آهي ته برسات ۾ نه رڳو عام ماڻهن کي نقصان کان بچائجي پر چوپائي مال ۽ پولٽري کي به بيمارين کان محفوظ رکجي.”هن وڌيڪ چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران کنيل قدم حوصلا افزا آهن ۽ ٽيم پنهنجي ذميواري ڀرپور نموني سان نڀائي رهي آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ۽ ٻين مهمانن کي سنڌي روايت موجب ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.