ڪراچي ڌماڪو: دهشتگردن پرڏيهي ڳجهي ايجنسي جي مدد سان حملو ڪيو، شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ پيش

ايئرپورٽ ڀرسان ڌماڪي بابت شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اهو حملو دهشتگردن پرڏيهي ڳجهي ايجنسي جي مدد سان ڪيو.دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڪراچي ايئرپورٽ سنگنل ڀرسان آپگهاتي بم ڌماڪي بابت شروعاتي رپورٽ سي ٽي ڊي طرفان پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيني انجنيئرز مٿان آپگهاتي حملي کي پاڪستان ۽ چائنا جي لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ موجب آپگهاتي ڌماڪي ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ملوث آهي، دهشتگردن ملڪ دشمن پرڏيهي ايجهنسي جي مدد سان ڌماڪو ڪيو. نامعلوم دهشتگرد پنهنجي گاڏي کي چيني شهرين جي قافلي جي گاڏين ڀرسان آڻي ڌماڪو ڪيو.عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آپگهاتي ڌماڪو ايگزٽ سگنل جناح انٽرنيشڻل ٽرمينل جي ڀرسان سي اي اي گارڊ روم جي سامهون ٿيو، پوليس ڌماڪي جي آواز ٻڌي موقعي تي پهتي ته ڏٺو ته پوليس، رينجرز ۽ ٻيا ماڻهو زخمي حالت ۾ موجود هئا، ڌماڪي ۾ 2 چيني شهري لي جون ۽ سن هوازين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.ڌماڪي ۾ وقار، الياس، نعيم، رائو خان، عظيم، طارق، علي، حمزه، صبيح سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري بلوچستان لبريشن آرمي قبول ڪئي آهي.دهشتگردن جي ڪارروائي ۾ 15 گاڏيون مڪمل طور تي تباهه ٿيون، واقعي جو ڪيس ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيس ۾ قتل، قتل جو ارادو، حملو، ڌماڪيدار مواد، دهشتگردي سميت ٻيا قلم لڳايا ويا آهن.