چين ڪراچي ۾ آچر جي رات دهشتگردن جي حملي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجي وڃڻ ۽ هڪ شهري جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان حملي جي مڪمل جاچ ڪري ۽ ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏئي.چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان فوري ايمرجنسي پلان لاڳو ڪري پاڪستان کان جاچ جي درخواست ڪئي آهي.پاڪستان کي چيني شهرين، ادارن ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ جي لاءِ بهتر قدم کڻڻ گهرجن. چيني سفارتخاني چيو آهي ته زخمين ۽ ان جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، ٻنهي ملڪن جي متاثرين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.پنهنجي بيان ۾ سفارتخاني وڌيڪ چيو ته پورٽ قاسم اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي هڪ قافلي تي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀرسان دهشتگردن حملو ڪيو هو جيڪ مذمت جوڳو آهي، پاڪستان فوري ايمرجنسي پلان لاڳو ڪري جاچ ڪري ۽ حملو ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.