ڪراچي: ڪار جي ڊگي مان 2 ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي: جي علائقي گلشن حديد مان هڪ ڪار جي ڊگي مان 2 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن. پوليس موجب بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ پوليس هڪ ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪار ڊرائيور گاڏي نه روڪي جنهن کان پوءِ پوليس پيڇو ڪري گاڏي کي روڪي ورتو.پوليس پاران تلاشي کان پوءِ ڪار جي ڊگي مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جن جي سڃاڻپ زاهد ۽ عبدالغني طور ٿي آهي. پوليس موجب فوت ٿيلن جا ساٿي لاشن کي ٺڪاڻي لڳائڻ وڃي رهيا هئا ته کين روڪيو ويو. واقعي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري گاڏي کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.