ڪراچي: ڪسٽم جي مالي خاني مان ڪروڙين روپين جي منشيات چوري، 2 آفيسر پراسرار نموني گم

عيد جي موڪلن دوران ڪسٽم جي مالي خاني مان ڪروڙين روپين جي ماليت جي منشيات چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب واردات ڪسٽم اينٽي اسمگلنگ آرگنائزيشن(اي ايس او) هيڊ آفيس ڪراچي پورٽ ڪياماڙي جي مالي خاني ۾ ٿي آهي. چوري ٿيندڙ منشيات ۾ آئس، هيروئن، ڪوڪين ۽ چرس شامل آهن.اغوا ٿي ويل ٻن ڪسٽم آفيسرن جي وارثن موجب ٻنهي آفيسرن سان گذريل رات 9 وڳي کان رابطو نه ٿي رهيو آهي. آفيسرن جا موبائيل فون کليل آهن پر فون ريسيو نه ٿي رهيو آهي. آفيسرن جي گهر ڀاتين پوليس سان رابطو ڪري ورتو آهي. گم ٿي ويلن ۾ سپرنٽينڊنٽ طارق محمود ۽ ياور عباس شامل آهن.پوليس موجب ياور عباس ۽ طارق محمود جي گهر ڀاتين ڊفينس ۽ گزري ٿاڻي سان رابطو ڪيو آهي. پهريان هڪ آفيسر طارق محمود جي گم ٿيڻ جي رپورٽ ملي پر ڪجهه دير کان پوءِ ٻئي ڪسٽم آفيسر جي گم ٿيڻ جي خبر ملي آهي.