ڪراچي: گرمي جي شدت وڌڻ سان ئي گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو

 ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سان ئي گيسٽرو جي مرض ۾ تيزي سان اضافو ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي مريض اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سان ئي ڊائريا جي مرض ۾ تيزي سان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. صدر پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ ڊاڪٽر وسيم جمالي ٻڌايو ته سرڪاري اسپتالن ۾ روزاني ڪيترائي گيسٽرو جا مريض آندا پيا وڃن گيسٽرو مان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٻارڙا ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽر وسيم موجب گندو پاڻي ۽ غير معياري کاڌو ڊائريا جو وڏو سبب بڻجي رهيو آهي جڏهن ته گيسٽرو سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب حياتي کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر وسيم شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته شهري احتياط سان ڪم وٺندي اُٻاريل پاڻي استعمال ڪن ۽ روزاني هٿ باقاعدگي سان ڌوئين. انهي کان علاوه ٻا