ڪراچي: گلستان جوهر ۾ سفيد ڪار دهشت جي علامت، شهري خوفزده

ڪراچي: گلستان جوهر ۾ سفيد ڪار سوار ڊڪيتن جو گروهه ڏهاڙي گهرن ۾ گهڙڻ لڳو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.تفصيل موجب هڪ شهري پنهنجي گهر ۾ ٻه نقاب پوش ڊڪيتن کي گهڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو، پر جڏهن تالا نه کليو ته هو پاڙي جي گهر ۾ داخل ٿي ويا. شهري فوري طور 15 پوليس هيلپ لائن تي اطلاع ڏني.شور شرابي کان پوءِ هٿيار هلايوڙ ڊڪيت فرار ٿي ويا، پر متاثر شهري کين خالي هٿ نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڊڪيتن جي سفيد ڪار جو پيڇو ڪيو ۽ ان جي وڊيو ٺاهي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏي.شهرين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌندڙ ڏهاڙي ڊڪيتين سبب ماڻهن جي زندگيون غير محفوظ بڻجي ويون آهن ۽ پوليس کان فوري ۽ مؤثر ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.