ڪراچي: گهريلو تڪرار تان ناٺي جي فائرنگ، سُهري سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

اورنگي ٽائون مومن آباد ۾ ناٺي ساهورن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سُهري سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. ايس ايس پي ويسٽ طارق مستوئي موجب واقعو انهي وقت پيش آيو جڏهن مقتول غوث الدين عرف عمران پنهنجي مائتن سان گڏ پنهنجي ڌيءِ جي گهر آيو هو، گهر ۾ خانداني جهيڙي جي دوران عمران جي ناٺي حميد، ڀاءُ رحمت، والد شاهجهان ۽  ويجهن مائٽن فائرنگ ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ عمران، گل بخت خان ۽ امين مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ  فوري طور تي ڪارروائي ڪندي مقتول عمران جي ڌيءَ جي سُهري شاهجهان ۽ ويجهي مائٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته حميد ۽ ان جو ڀاءُ رحمت فرار ٿي ويو آهي. پوليس موجب واقعي واري هنڌان هڪ پستول به هٿ ڪيو ويو آهي، واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي جلد ٻين جوابدارن کي  به گرفتار ڪيو ويندو.