ڪراچي : ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي ملير، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي. گلشن اقبال، گلستان جوهر، ايف بي ايريا، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽريفڪ جي روانگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. جڏهن ته برسات کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن مان بجلي غائب ٿي وئي آهي حيدرآباد ۾ به ٻئي ڏينهن برسات جو سلسلو جاري آهي. جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي. حيدرآباد ۾ ٻئي ڏينهن سانوڻي جي برسات دوران ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جن ۾ فقير جو پڙ، پڪو قلعو، ڪچو قلعو، لطيف آباد، ٽاور مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي جنهن سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. برسات کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن مان بجلي پڻ غائب ٿي وئي آهي جڏهن ته ميرپورخاص، بدين، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، ماتلي، قاضي احمد، شهدادپور، سانگهڙ، هالا، نيوسعيدآباد ۾ به برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.