ڪراچي : ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ريلي تي ڪيس داخل

پوليس ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪنن طرفان ريلي ڪڍڻ تي ڪيس داخل ڪري ورتو.پوليس موجب ايم ڪيو ايم لنڊن طرفان ڪورنگي ۾ ريلي ڪڍڻ تي ايم ڪيو ايم باني سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ 39 جوابدارن جا نالا داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ريلي دوران 4 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو.پوليس ٻڌايو ته ڪيس سرڪاري فرياد تي زمان ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هنگامي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڇروڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هنگامو ڪيو ويو.پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ محمد علي عرف خشڪا، ساجد، جاويد ۽ محمد سليم شامل آهن.