ڪراچي ۾ تيز برسات چيلينج بڻجي سگهي ٿي: مرتضيٰ وهاب

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر ۾ تيز برسات کي منهن ڏيڻ وڏو چيلينج آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ڪريڪ جو پاڻي واهن ۾ اچي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن تيز برسات ٿي ته پاڻي جي وهڪرن کي سنڀالڻ وڏي آزمائش هوندي. ٻئي طرف موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير ٻڌايو آهي ته سانوڻي جو سسٽم ڊيپ ڊپريشن جي شدت سان برقرار آهي، جيڪا سامونڊي طوفان بنجڻ کان اڳ جي هڪ اسٽيج آهي. ترجمان موجب برساتي سسٽم جو مرڪز هن وقت ٿرپارڪر ۾ موجود آهي.