ڪراچي :۾ شهرين جي تشدد سبب 2 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي :جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ شهرين جي تشدد سبب 2 ڦورو مارجي ويا جهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب جوابدار موٽر سائيڪل تي شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا ان دوران شهرين ٽنهي ڦورن کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بنايو. پوليس موجب تشدد سبب 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو پوليس طرفان مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب مارجي ويل ڦورن پڪڙجڻ کان اڳ اورنگي 14 مان سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪئي هئي.پوليس ترجمان موجب ڦورن کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران 2 ڦورو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڦورو کي عباسي شهيد اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. مارجي ويل ۽ زخمي ڦورن جي قبضي مان هڪ 30 بور پستول ۽ 2 ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن.مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙ ڦورن جمعي جي رات مذڪوره علائقي مان هڪ ڪريانه اسٽور تي ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو هو. مارجي ويل ۽ زخمي جوابدارن شهرين جي هٿ چڙهڻ کان ڪجهه دير اڳ ساڳئي علائقي ۾ واقع هڪ شادي هال ٻاهران هٿيارن جي زور تي هڪ شهري کان موٽر سائيڪل به ڦر ڪئي هئي جيڪا جوابدارن کان ملندڙ ٻن موٽر سائيڪلن مان هڪ آهي.پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان ڪابه اهڙي شيءَ ناهي ملي جنهن سان سندن سڃاڻپ ڪري سگهجي. مارجي ويل ڦورن جون عمرون تقريبن 20 سالن جي ويجهو آهن. جڏهن ته زخمي ٿيندڙ جوابدار جي سڃاڻپ 25 ورهين جي اويس ولد ڪريم جي نالي سان ڪئي وئي آهي.