ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن ۽ جلوسن تي پابندي

شهر قائد ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، جلسا ۽ ريليون نه ٿينديون، پابندي 18 ۽ 19 آڪٽوبر تائين برقرار رهندي، ياد رهي ته پي ٽي آءِ سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته ڪراچي ۾ 13 کان 17 آڪٽوبر تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو هو.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ مختلف ڌرين پاران هڪ ئي ڏينهن تي احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون خط ۾ ڪمشنر کي وڌيڪ چيو ويو آهي ته احتجاجن ۽ ريلين سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي ۽ عام ماڻهن کي تڪليف ٿي سگهي ٿي.