ڪراچي: ۾ منڪي پاڪس جي پهرئين ڪيس جي تصديق ٿي وئي

ڪراچي: ۾ منڪي پاڪس وائرس جي پهرئين ڪيس جي تصديق ٿي وئي.سنڌ جي صحت کاتي شهر ۾ منڪي پاڪس جي پهرئين ڪيس جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊائو يونيورسٽي ۾ 4 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان ٽن ڄڻن ۾ شاهديون نه مليون پر سعودي عرب کان ايندڙ مسافر ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.