ڪراچي ۾ ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڦر جي ڪوشش ناڪام، ڦورن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي ۾ ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي آهي، ڦر جي ڪوشش دوران ڦورن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا آهن.ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ شاپنگ مال ڀرسان ڦورن ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڦر جي ڪوشش ڪئي پر موقعي تي موجود ماڻهن ۽ پوليس جي وقت تي ڪارروائي سبب پئسا ته بچي ويا پر ان دوران ڦورن جي فائرنگ سبب سيڪيورٽي گارڊ ۽ هڪ واٽهڙو مارجي ويا.پوليس موجب مقامي بلڊر جو عملو ڏيڍ ڪروڙ روپيه کڻي اچي رهيو هو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب گاڏي ۾ سوار سيڪيورٽي گارڊ مبين ۽ هڪ واٽهڙو مارجي ويا.پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جي آواز ٻڌي گشت تي مقرر پوليس اهلڪار به فوري طور تي پهچي ويا ۽ جوابدارن جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنئي جنهن سبب 2 جوابدار زخمي ٿي پيا. جڏهن ته هڪ ڦورو پوليس تي فائرنگ ڪندو ويجهي شاپنگ مال ۾ هليو ويو. موقعي تي موجود شهرين ڦورن کي تشدد جو نشانو بنايو، پوليس سان فائرنگ  دوران زخمي ٿيل ڦورو به اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.پوليس اختيارين موجب جوابدار انهي کان اڳ به ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪري چڪا هئا انهن گلستان جوهر ۾ به ڦر دوران شهري کي قتل ڪري ڇڏيو هو.