ڪرمپور: ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ اڍائي مھينا اڳ پوليس ھٿان بيدردي سان شھيد ٿيل نوجوان غلام حسين جعفري جا قاتل گرفتار نه ٿيا وارثن پاران ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ پوليس خلاف احتجاج ڪيو

ڪرمپور: ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ اڍائي مھينا اڳ پوليس ھٿان بيدردي سان شھيد ٿيل نوجوان غلام حسين جعفري جا قاتل گرفتار نه ٿيا وارثن پاران ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ پوليس خلاف احتجاج ڪيو ان سلسلي ۾ شھيد جي وارثن علي حسن جعفري بالاچ خان گل حسن جعفري نور حسن جعفري محمد عظيم لياقت علي حسين بخش رضا محمد علي دوست عبدالحميد قربان جعفري ۽ شھيد جي معصوم ٻارڙن علي خالد جعفري حبيب خان علي بيگ گوران بيبي ۽ معصوم ماروي ميڊيا کي ٻڌايو تھ پوليس ڏاڍ ڪري اسان کان اسان جو جاني کسيو ۽ ان کي ڪوڙي مقابلي ۾ شھيد ڪري ڪوڙو ڊرامو ڪيو ويو جيڪو تنگواڻي جي عدالت سڳوري انصاف ڪندي پوليس جي اھڙي دعوا کي ڪوڙو قرار ڏئي ڪيس چالان ڪري ڇڏيو ھنن چيو ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار ايس ايڇ او شبير ڀيو ڪريم بخش عرف ڪي بي ڏاھاڻي ۽ منشي جھانگير چانڊيو اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا ھنن چيو اسان جي نوجوان کي صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي جي منشي فوج علي ڏاھاڻي قتل ڪرائي اسان سان ظلم ڪيو آھي صوبائي وزير به قاتلن جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي قاتل صبح شام ڪرمپور بنگلي تي سلامي آھن اسين مسڪين شريف آھيون اسان جي دانھن ڪير ٻڌڻ وارو نه آھي عدالتن مان پر اميد آھيون ھو ساڻن انصاف ڪندا ھنن چيو اسين بجاراڻي خاندان کي سڄي عمر ووٽ ڏنا پر انھن به اسان جي دانھن جي داد رسي نه ڪئي ان لاء اسين اعلان ڪيون ٿا ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسين مير شبير علي خان بجاراڻي کي ووٽ نه ڪنداسين جيستائين قاتلن جي گرفتاري لاء ھو اسان جو ساٿ نه ڏيندو تيستائين ووٽن جو بائيڪاٽ رھندو ھنن چيو عيد اچي وئي شھيد جا معصوم ٻارڙا پنھنجي والد کي ساري زارو قطار روئي اسان جو ھانء ڦاڙي ڇڏين ٿا احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ شبير سيٺار آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻي سميت اعلي عدليا کي اپيل ڪئي تھ شھيد جي قاتلن کي گرفت ۾ آڻي ڦاھي ڏني وڃي