ڪرمپور: ڀرسان ناپرڪوٽ ٿاڻي لڳ ميراڻي ۽ بنگلاڻي برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل ۽ ڄڻا 6 زخمي ٿي پيا وارثن جو لاش رکي انڊس ھاء وي بند ڪري ڇڏيو ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو مليل ڄاڻ ڪرمپور ڀرسان ناپرڪوٽ ٿاڻي لڳ ميراڻي ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو ڌرين جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوجوان اياز ميراڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته اعجاز ميراڻي نورنبي ميراڻي منير, غلام قادر مرتض’ي زاهد ميراڻي سميت 6 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن, ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪري فوتي جو لاش ۽ زخمين کي خانپور اسپتال منقل ڪيو, نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي هوڏانهن ميراڻي برادري جي ماڻهن پاران روڊ بلاڪ ڪري لنڊي شاخ وٽ انڊس هاء وي تي ڌرڻو, ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري, علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي, جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو,