ڪرم: خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 7 استادن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا.ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال پارا چنار جي ڊي ايم ايس قيصر عباس ٻڌايو ته فائرنگ جي پهرئين واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جنهن کي اسپتال آندو ويو، جنهن جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.هن ٻڌايو ته ان کانپوءِ فائرنگ جا مختلف واقعا پيش آيا، انهن واقعن ۾ به ماڻهو قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.پوليس موجب اپر ڪرم ۾ شلوزان روڊ تي اڻڄاتل ماڻهن هلندڙ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري مارجي ويو.پوليس ٻڌايو ته ان واقعي کانپوءِ هٿياربندن تري منگل هاءِ اسڪول ۾ گهڙي 7 استادن کي قتل ڪري ڇڏيو.انهن واقعن کانپوءِ سڄي ضلعي جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سمورا رستا سيڪيورٽي خدشن سبب بند ڪيا ويا آهن.هوڏانهن ڪوهاٽ تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ 28 اپريل کان جاري ميٽرڪ جا امتحان به اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيا ويا آهن.