ڪرڪ: انڊس هاءِ وي تي ٽرالر ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، 10 ڄڻا فوت

ڪرڪ ۾ انڊس هاءِ وي تي پيش ايندڙ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.، ريسڪيو اختيارين موجب تيز رفتار ٽرالر وين تي چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسافر ڦاسي پيا. ميران شاهه کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ سان پيش ايندڙ حادثي جي اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن سميت ريسڪيو اهلڪار امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ٿي ويا. ريسڪيو اختيارين موجب 10 لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. امدادي ٽيمن ڪنٽينرز جي هيٺيان دٻيل مسافرن کي ڪڍي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جن مان 6 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، شروعاتي ڄاڻ موجب 15 مسافر ڪوچ ۾ سوار هئا جنهن مان 10 ٿڏي تي فوت ٿي ويا جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن. ريسڪيو 1122 موجب حادثي جي 3 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي پشاور منتقل ڪيو ويو آهي،   جڏهن ته خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ فوتگين ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.