خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن ايف سي اهلڪارن جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار ۽ ڊرائيور شهيد ٿي ويا رپورٽ موجب ڪرڪ جي علائقي امان ڪوٽ توي ۾ گرگري ٿاڻي جي حد ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن ايف سي اهلڪارن جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي. ايف سي اهلڪار فيلڊ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر هئا جيڪي گاڏي ۾ سوار ٿي روانا ٿيا ته جبل جي چوٽي تي پهريان کان لڪي ويٺل هٿياربندن اوچتو حملو ڪري ڏنو. فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا واقعي جي فورن بعد سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو حملي آورن جي ڳولا لاءِ جابلو علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ ۾ ايف سي اهلڪارن جي گاڏي تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ شهادي ماڻيندڙ 3 اهلڪارن ۽ ڊرائيورن کي خراج عقيدت پيش ڪيو محسن نقوي چيو ته لانس نائيڪ محمود شاهه، سپاهي شاهد، سپاهي رئوف ۽ ڊرائيور شاهه پور شهادت جو اعليٰ رتبو ماڻيو، شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. گهرو وزير چيو ته شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي عظيم قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. شهيدن جون قربانيون دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ سوڳوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور واقعي جي مذمت ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي حملي ۾ ملوث عناصرن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ملڪ، قوم جي خاطر حياتيون قربان ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي سلام پيش ڪريون ٿا.