ڪشمور: يرغمال بڻيل ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر پوليس اهڪار نبي داد منگي سميت علائقي شخص 24 ڪلاڪن کان مٿي گذريل باوجود هن مهل تائين بازياب ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته گذريل ڏينهن ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون پڻ ڳڙي تيغو پهتو هو ان موقعي تي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو جڏهن ته اغوا ٿيل ايس ايڇ او سميت ٽنهي مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو جڏهن ته ايس ايس پي ڪشمور جي ان دعوا کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود صرف دعوا تائين محدود بڻيل آهي.گذريل ڏينهن ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر طرفان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نينگر فرحان سمورو جي بازيابي لاء ڳڙي تيغو جي ڪچي واري علائقي ويل هو جنهن بعد ڌاڙيلن طرفان ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر پوليس اهڪار سميت ٽن جڻن کي يرغمال بڻائي سندن بازيابي لاء وارثن کان هڪ ڪروڙ روپيه ڀنگ طلب ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر پوليس اهلڪار نبي داد منگي سميت 3 ڄڻان هن وقت به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهي ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڌاڙيل اڄ شام تائين ايس ايڇ او سميت ٽنهي ڄڻن کي بازياب ڪونه ڪيو ته سردار تيغو خان تيغاڻي کي ھر حال ۾ گرفتار ڪيو ويندو، اهڙي اعلان بعد سردار تيغو خان تيغاڻي به ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ پهچي ويو آهي ٻئي پاسي واقعي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اهلڪارن جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ عام شهرين ۾ خوف واري صورتحال ڇائجي وئي آهي ياد رهي ته ڪشمور ضلعي جي 3 معصوم ٻارن سميت 30 کان کان مٿي ماڻهو هن وقت به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهي جڏهن ته مغوي جي گهر وارا رستا نهاري رهيا آهن.