تفصيل موجب وزير اعلي سنڌ پاران ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ برسات جي ايمرجنسي لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن ۽ معاون خاص سنڌ، ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي مون سون جي برساتن ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪشمور ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ چيف انجنيئر ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ آفيسر، واپڊا آفيسر ، تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ۽ ضلعي جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي معاون خاص ، ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر امير فضل اويسي ٻڌايو ته ڪشمور ضلعي ۾ برسات 363 ايم ايم پئي آهي . ڪشمور ضلعي اندر 22 پمپنگ اسٽيشنون آهن. هن ٻڌايو ته ايمرجنسيءَ لاءِ ڪنٽرول روم ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪيو آهي. بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ٻڌايو ته برسات ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿيا آهن . ڪشمور ضلعي اندر تقريبن سڀ پمپنگ اسٽيشون ڪم ڪري رهيون آهن.اسان جي طرفان مون سون جي حوالي سان تياري مڪمل آهي
ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر چيو ته ڪشمور ۾ مون سون برساتن جي ايمرجنسيءَ لاءِ ضلعي ۾ ايمبولينسون آهن ۽ 1122 جون گاڏيون اسان کي پڻ سپورٽ ڪنديون آهن.هن چيو ته اسان ايمرجنسيءَ جي بنياد تي مڇر مار اسپري ڪرايا آهن گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ چيو ته اسان جون ضلعي اندر ڪيمپون ويڪسين جو ڪم ڪري رهيون آهن جن ضلعي ۾ جانورن کي ويڪسين ڪئي آھي ۽ اڃان به ڳوٺن ۾ جانورن کي ويڪسين ڪري رھيا آھيون.
اجلاس سان خطاب ڪندي وزير اعلي سنڌ پاران ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ برسات جي ايمرجنسي لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن ۽ معاون خاص سنڌ، ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي چيو ته مون کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ پاران برسات جي ايمرجنسي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ گڏجاڻي ڪري رهيا آهيون . مون سون جي برسات جا انتظام اطمينان جوڳا آهن. سڀ آفيسر پنهنجي ڊيوٽي بهتر نموني ڪن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پريا ڪماري جي حوالي سان جي آئي ٽي ٺهيل آهي جي آئي ٽي مطابق پريا ڪماري زنده آهي ۽ پنجاب ۾ آهي ان ڪري سنڌ گورنمينٽ ڪوشش آهي ته جلد بازياب ٿئي