ڪشمور :بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو نوجوان لياقت علي ملڪ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو جنھن کي شهرين پاران علاج لاءِ فوري طور تعلقي اسپتال پهچايو ويو ڪشمور اسپتال ۾ علاج جون معياري سهولتون نه هئڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو