ڪشمور تعلقي اندر ايجوڪيشن جي ڪرپٽ عملدارن جي نااهلي سبب تعليمي درسگاهون تباهي جي ڪناري تي پهتل

(رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪشمور تعلقي اندر ايجوڪيشن جي ڪرپٽ عملدارن جي نااهلي سبب تعليمي درسگاهون تباهي جي ڪناري تي پهتل، يونين ڪائونسل ڏوميوالي ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول قابل خان مزاري جي عمارت مھاٻوڏ 2010ع کان زبون حال بڻيل سوين ٻارڙا وڻ جي هيٺان پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور ، عمارت ڪمزور ھئڻ ۽ فرنيچر سميت گھربل سھولتون نه ھجڻ سبب ڪيترن ئي ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو، اسڪول ۾ مقرر استاد 10 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري شاگردن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ روزانو اچي ٿو اسڪول ۾ سھولتون نه ھجڻ ۽ بلڊنگ زبون حال ٿيڻ سبب  استاد ۽ شاگرد تڪليفن کي منهن ڏين ٿا : ڳوٺاڻا/شاگرد، خبر موجب ڪشمور تعلقي اندر تعليم کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب تعليمي ادارا تباهي جي ڪناري تي پھتل آهن يونين ڪائونسل ڏوميوالي جو قديمي پرائمري اسڪول قابل خان مزاري بنيادي سهولتن کان محروم ھئڻ سان گڏوگڏ اسڪولي عمارت مھاٻوڏ 2010ع کان وٺي زبون حال بڻيل آهي مرمت نه ھئڻ ڪري بلڊنگ ڪرڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آهي سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڻ ھيٺيان پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ شاگردن ۽ ڳوٺاڻن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته قابل خان مزاري ھڪ قديمي پرائمري اسڪول آهي جنھن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جا سوين ٻارڙا تعليم حاصل ڪن ٿا، اسڪول ۾ مقرر ماستر 10 ڪلو ميٽر جو مفاصلو طئي ڪري شاگردن کي روزانو تعليم ڏيارڻ لاءِ اچي ٿو پر افسوس ته فرنيچر سميت ٻيون سھولتون نه ھجڻ ۽ بلڊنگ ورھين کان زبون حال ٿيڻ سبب استاد ۽ شاگرد وڻ ھيٺيان پٽ تي ويهي سخت تڪليفن کي منهن ڏين تي مجبور آهن ۽ برسات پوڻ مهل اھنج وڌيڪ وڌي ويندا آهن ڳوٺاڻن موجب ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي بلڊنگ جي زبون حالي ۽ سھولتون نه ھجڻ جون درخواستون ڪيون آهن پر ڪو به کڙ تيل نڪري نه سگهيو آهي ھنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ھنگامي بنيادن تي نوٽيس وٺي سرڪاري پرائمري اسڪول قابل خان مزاري جي زبون حال بلڊنگ کي نئين سر تعمير ڪرائڻ سان گڏوگڏ فرنيچر سميت ٻيون گھربل سھولتون فراهم ڪري تعليمي نظام کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ڪنڌڪوٽ : زبون حال اسڪولي عمارت جو ڏيک ٻئي پاسي شاگرد پڙهندڙ وڻ ھيٺيان ڪتابون کڻي احتجاج ڪندي