ڪشمور ۾ 24 ڪلاڪن دوران ھلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي روڊ رستا سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن جڏهن ته گهر جو ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي
ڪشمور ۾ ھلندڙ طوفاني برسات سبب گهر جو ڇت ڪرڻ سبب ڪشمور جي ڳوٺ خميسو خان مزاري جو رهواسي پورهيت جمال محمداڻي گهر جي ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو آهي وارثن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت پورهيت جو لاش ملبي هيٺان ڪڍيو هن وقت تائين ڪا به ريسڪيو عملو جاء واري هنڌ پهچي نه سگهيو آهي
وارثن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور ۽ اعلي ايوانن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي جئين اسان پنهنجو ڪريل گهر جو تعمير ڪرائي سگهون