13ڏينھن اڳ ڊکڻ بنگلو واري علائقي مان اغوا ٿي ويل نوجوان مريد دشتي هن وقت تائين بازياب ناھي ٿي سگهيو جنهن جي بازيابي دستي برادري ء وارثن پاران ڊکڻ بنگلو وٽ انڊس هاءِ وي روڊ بند ڪري ڇڏيو ء ٽائرن کي باھيون ڏنيون ء پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي جي دوران سنڌ پنجاب بلوچستان سرحد خيبر پختوا ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت پريشان رھيا ان موقعي مغوي جي ڀاء فريد دشتي صحافين کي ٻڌايو ته اسان 13 ڏينهن کان وٺي اسان روڊ تي ڪئمپ لڳائي ويٺا آهيون پر اسان وٽ ڪو اعلي اعملدار ڳالهائڻ تڪ ناھي پهتو مجبور ٿي ڪري روڊ بلاڪ ڪيو آهي مريد دشتي جي پيرسن پيءُ وڌيڪ چيو ته منهجو پُٽ سيلون تي ڪم ڪري اسان جي گهر جو گذر سفر ھلائيندو هو سندس جيجل امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آهن اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻي مظهر نواز شيخ ء ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون کي اپيل ڪيون ٿا ته خدارا اسان جي نوجوان بازياب ڪرايو ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ مغوي جي بازيابي تائين احتجاجي ريلي ء ڌرڻو جاري رھندا