“ڪشمور مان اغوا ٿيل راجيش ڪمار ۽ ڪسٽم اهلڪار بازياب، پوليس مقابلي جي دعويٰ – بازيابي پويان ڳجهي ڊيل جو انڪشاف”

ڪشمور مان ڪجهه مهينا اڳ اغوا ٿيل هندو واپاري راجيش ڪمار ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڪسٽم اهلڪارن کي آخرڪار پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي مغوين کي هٿياربندن سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو، پر ٻئي پاسي معتبر ذريعن پاران دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اها بازيابي اصل ۾ هڪ ڳجهي ڊيل جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس وٽ ڏوهاري ياسين ماڇي جون عورتون عورتون گرفتار هيون، جن کي ڏوهارين لاءِ وڏي اهميت حاصل هئي. پوليس انهن عورتن کي ڏوهارين حوالي ڪري، ان جي بدلي ۾ راجيش ڪمار ۽ ڪسٽم اهلڪارن کي بازياب ڪرايو آهي. مغوي راجيش ڪمار جي بازيابي تي ڪشمور شهر ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي. هندو برادري سميت شھري حلقن پاران راجيش ڪمار جي سلامت واپسي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي شھري حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بازيابي واقعي مقابلي ذريعي ٿي آهي ته ڏوهارين جي گرفتاري به ضروري آهي، نه ته پوليس جي بيانن تي سوال ضرور اٿندا