ڪشمور: پوليس طرفان گيهلپور جي ڪچي ۾ 5 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ جانو انڍڙ، سومر شر، نظرو شر، شهزادو دشتي، مشيرو انڍڙ شامل آهن ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته مارجي ويل ڌاڙيل جانو انڍڙ ۽ سلطو شر جي ڀاءُ نظرو شر تي هڪ ڪروڙ روپيا انعام رکيل هو پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل سمورن ڌاڙيلن جا لاش سندن ساٿارين وٽ آهن، پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 واٽهڙو نينگر امام بخش ميراڻي ۽ آصف ميراڻي زخمي ٿي پيا، ٻنهي زخمين کي ڪشمور تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته امام بخش ميراڻي کي مٿي ۾ گوليون لڳل آهن، کيس رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي