ڪشمور مان ست مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل راجا ڪمار سميت ڪسٽم جي ٽن اهلڪارن کي سنڌ رينجرز جي مدد سان ڪشمور پوليس پاران ڪامياب آپريشن دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ڪشمور پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، انٽيليجنس بنيادن تي گيهلپور، گبلو ۽ حاجي خان شر ٿاڻن جي حدن ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو ويو. بازيابي جي هن ڪارروائي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، تجربيڪار ٽيمون ۽ مؤثر حڪمت عملي استعمال ڪئي وئي. ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ جو چوڻ هو ته آپريشن دوران ڏهه شڪي ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان جاچ جاري آهي. پوليس موجب، مغوي بڻايل چئن ڄڻن ۾ راجا ڪمار پٽ گرداري لال، ڪسٽم انسپيڪٽر راشد علي سومرو، حولدار وزير احمد ميمڻ ۽ بورچي ڪبير احمد چاچڙ شامل آهن. ياد رهي ته سترهن ڏينهن اڳ ڪشمور ٿاڻي جي حد ڪسٽم چيڪ پوسٽ تان ٽي اهلڪار اغوا ٿيا هئا، جن کي به ساڳئي آپريشن ۾ بازياب ڪرائي ورتو آهي، مغوين جي بازيابي بعد ڪشمور ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي، جتي شهرين پاران پوليس ۽ رينجرز جي ڪامياب ڪارروائي تي نعريبازي ڪندي سندن همٿ افزائي ڪئي وئي. مقامي اڳواڻن ۽ شهرين پاران به پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. جڏهن ته ڌاڙيلن پاران ڪسٽم اهڪارن ۽ مغوي راجا ڪمار جون ڪيترائي ڀيرا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري سندن مطالبو مڃائڻ لاء انتظاميا توڙي مغوين جي وارثن کي ڌمڪين جو سلسلو به جاري رهيو. ٻئي پاسي اهي به خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته راجا ڪمار سميت ڪسٽم اهڪارن کي ڪشمور پوليس پاران ڳجهي ديل تحت بازياب ڪرايو ويو آهي.