تفصيل موجب ڪشمور ٿاڻي جي حد پي ٽي سي ايل ايڪسچينج آفيس ويجهو 6 ھٿياربندن ھندو واپاري ڀيمن داس کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندن کان روڪ رقم 4 لک ٻه موبائل فونز سميت ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ويا، ڏوھارين شھرين ۾ دھشت ڦهلائڻ لاءِ جديد ھٿيارن سان ھوائي فائرنگ گوليون جو آواز شھر ۾ گونجندو رھيو، ڏوھارين آساني سان فرار ٿي ويا، واقعي خلاف متاثرن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، قومي شاهراهه بند ھجڻ جي ڪارڻ ٽريفڪ جي روانگي معطل گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي ٽيم سان گڏجي قومي شاهراهه تي پھتو روڊ کولرائڻ لاءِ متاثرن کي ڌٻا ڌمڪيون ڏيڻ لڳو متاثر ڌر جا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حد جو ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي امن ڪرائڻ جي بدران بنگلي تي آرام ڪرڻ لڳو ڌاڙيل بنا ڪنهن ڊپ جي وچ شھر مان ڦر لٽ ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا پوليس جي ڪن تي جون نه چري آهي،، ايس ايڇ او ھمدردي ڪرڻ جي بجائي واپاري جا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا آهن،، اسان کي ڌمڪيون ڏئي روڊ کولرائڻ لاءِ پريشر وجھي رھيو آھي، جيستائين ڦر ٿيل سامان واپس نه ڪرايو ويندو، متاثرن احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري روڊ کولي ٽريفڪ جي روانگي بحال ڪرائي وئي ڪشمور ٿاڻي تي روڊ بلاڪ ڪرڻ تي حد جو ايس ايڇ او ڪاوڙجي پيو احتجاج ڪندڙن مٿان ايف آر داخل ڪري ڇڏي داخل ڪرايل ايف آر م نامزد ڪيل غلام حيدر کوسو مولوي عبدالڪريم نصيراڻي زبير کوسو احسان کوسو رهزن شيخ ذاڪر شيخ سميت 40 ان سڃاتل مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏي آهي