ڪشمور: ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڌاڙيلن خلاف وڏو آپريشن، اهلڪار شهيد

ڪشمور پوليس ۽ رينجرز پاران ڪچي جي علائقي گيهلپور ۾ مغوي ڪسٽم اهلڪارن ۽ پنج مهينا اڳ اغوا ٿيل راجيش ڪمار جي بازيابي لاءِ گڏيل طور تي وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو ايس ايڇ او ڪشمور زياد علي نوناري موجب آپريشن دوران ڏوھارين جي حملي ۾ پوليس جو هڪ بهادر اهلڪار انور علي ڪلهوڙو شهيد ٿي ويو. ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن طرفان راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو ويو، جنهن سبب اهلڪار شهيد ٿيو. آپريشن دوران پوليس ۽ رينجرز جو ڌاڙيلن سان جهيڙو جاري آهي، ٻئي طرف مسلسل فائرنگ جو سلسلو پڻ هلي رهيو آهي. ذريعن موجب  آپريشن جو مقصد پنج مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل راجيش ڪمار سميت تازو هفتي اندر اغوا ٿيل ڪسٽم اهلڪارن جي بازيابي آهي. ايس ايس پي ڪشمور موجب ڌاڙيلن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو جلد ئي مغوين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. شهيد اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪندي ضلعي انتظاميه پاران سندس خاندان سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي.