ڪشمور ۾ سنڌ سرڪار طرفان تعليمي دعوائون ڪوڙيون نڪتيون تعليم کاتي جي پت وائکي تعلقي ڪشمور جي يوسي گلڻ پور واري علائقي ۾ قديمي گورنمينٽ پرائمري

ڪشمور ۾ سنڌ سرڪار طرفان تعليمي دعوائون ڪوڙيون نڪتيون تعليم کاتي جي پت وائکي تعلقي ڪشمور جي يوسي گلڻ پور واري علائقي ۾ قديمي گورنمينٽ پرائمري اسڪول گلڻ پور جديد دور ۾ به سھولتن کان محروم بڻيل اسڪول ۾ روزاني تعليم پرائڻ ايندڙ 200 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون استاد سھولتن جي کوٽ سبب سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا بلڊنگ گذريل ڪيترن ئي سالن کان زبون حال ھئڻ ۽ فرنيچر نه ھئڻ پکا بجلي پاڻي واش روم نه هئڻ ڪري شاگرد تڪليفون ڀوڳڻ لڳا اسڪول جي بلڊنگ مڪمل تباهه ھئڻ ڪري نياڻيون ۽ گلن جھڙا ٻارڙا سخت گرمي ۾ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن،، ڪافي ڀيرا ڪشمور ضلعي جي ڪامورن کي نشاندهيءَ ڪرائي آهي پر ڪو به عملي طور اسڪول لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ٽي اي او پرائمري ۽ ڊي اي او ڪشمور نالي ماتر دورا ڪري صرف اسڪول جي استادن کي دڙڪا داٻا ڏيئي واپس وڃن ٿا اسڪول ۾ ڪا سھولت ناهي وزير تعليم سردار شاهه نوٽس وٺي، ڳوٺاڻا ء شاگرد تفصيل موجب ڪشمور ويجھو يوسي گلڻ پور واري علائقي ۾ سوين ٻارڙن جي تعليم جو واحد ذريعو پرائمري اسڪول گلڻ پور گذريل ڪيترن ئي سالن کان زبون حال حال بڻيل آهي اسڪول جي ڇت ۽ ديواريون مڪمل ڀڳل ٽٽل فرنيچر سميت پيئڻ جو پاڻي واش روم نه ھئڻ ڪري 200 کان وڌيڪ شاگرد شاگردياڻيون سخت تڪليفن کي منهن ڏئي تعليم پرائي رهيا آهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا تعليمي ڪامورن ڊپٽي ڪمشنر ڊي اي او، ٽي اي او، ايجوڪيش ورڪس اينڊ سروس کاتي کي نشاندهيءَ ڪرائي وئي پر ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي يوسي گلڻ پور ۾ ھزارين رھواسي آباد آهن ڪشمور شھر يوسي کان پندرهن ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ھئڻ ڪري علائقي واسي ٻارڙن کي پرائمري اسڪول گلڻ پور ۾ تعليم ڏيارين ٿا اسڪول جي بلڊنگ جو بجٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو ڪامورا تعليمي آفيسر ڪاغذي ڪاروائي تائين ڏيکاء ڪري فوٽو سيشن لاءِ وزٽ ڪري واپس ھليا وڃن ٿا ڪو تدارڪ نٿو ڪري سخت گرمي ۾ به ٻارڙا اس ۾ تعليم پرائي رهيا آهن تعليم کاتي جا دعوی غلط آهن ڪشمور تعلقي ۾ تعليم لاءِ قائم اسڪول انتظاميا جي ملي ڀڳت ھئڻ ڪري تباهي ڪناري پھتل آهن ڪشمور جي چونڊيل نمائندن وزير تعليم سردار شاهه سيڪريٽري تعليم، کي اپيل ڪجي ٿي ته يوسي گلڻ پور ۾ قائم قديمي پرائمي اسڪول يوسي گلڻ پور جي بلڊنگ تعمير ڪرائي اسڪول جي شاگردن شاگردياڻين ۽ استادن کي سھولتون ڏنيون وڃن