ڪشمور :جي ڳوٺ خير محمد چانڊيو ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا گوليون لڳڻ ڪري 50 ورھين جو محمد يوسف چانڊيو موقعي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته واقعي بعد زخمي حسن علي خادم حسين شاھد علي پرويز احمد مختيار ،احمد علي ساوڻ علي ۽ گوهر چانڊيو کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال ڪشمور ۽ شهر جي خانگي اسپتالن ۾ امداد ڏني وئي.جھيڙي ۾ مارجي ويل مقتول محمد يوسف چانڊيو جو مڙهه وارثن پاران انڊس هاءِ وي روڊ تي رکي ڌرڻو ڏنو ويو آهي مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار خير محمد چانڊيو ۽ شير محمد چانڊيو ھٿياربند ساڻ ڪري اسان جي گهر مٿان حملو ڪري محمد يوسف چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي جوابدارن جي گرفتاري تائين لاش رکي ڌرڻو جاري رکيو ويندو ڌرڻي سبب ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي روڊ بند ٿي ويو آهي جنهن ڪري سنڌ پنجاب ڪي پي ڪي بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي