ڪماليا ۾ ريسڪيو 1122 ٻيڙي ذريعي ڪنوار جي رخصتي

پنجاب جي علائقي ڪماليا ۾ هڪ اهڙو انوکو واقعو پيش آيو، جنهن سڀني جي چهري تي مرڪ آڻي ڇڏي۔ ڳوٺ ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ هر طرف پاڻي هجڻ باوجود، هڪ نوجوان پنهنجي ڪنوار کي وٺي گهر پهچي ويو ـ اهو سڀ ممڪن ٿيو ريسڪيو 1122 جي بهادر اهلڪارن جي مدد سان، جن ٻيڙي ذريعي ڪنوار جي رخصتي کي يقيني بڻايو۔ شہزاد نالي نوجوان پنهنجي ڄڃ وٺي ڪماليا مان روانو ٿيو، پر زميني رابطو ڪٽيل هجڻ سبب سڀ ڪجهه ناممڪن نظر اچي رهيو هو۔ ڪنوار جي والدين کي به خدشو هو ته شايد سندن ڌيءَ جي رخصتي نه ٿي سگهندي۔ اهڙي موقعي تي ريسڪيو 1122 جا رضاڪار اڳتي آيا ۽ ٻيڙيءَ ذريعي ڪنوار جي رخصتي ڪئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ڪنوار جي ٻيڙيءَ ۾ ويهڻ، لائف جيڪٽ پائڻ، ۽ ساڻس گڏ ڳائيندڙ ۽ ڌن وڄائيندڙ ماڻهن جا منظر ڏسي ماڻهو خوشيءَ ۾ جهومي اٿيا۔ ريسڪيو اهلڪارن به پنهنجو فرض نڀائيندي ڪنوار ۽ سندس ساٿين کي منزل تائين پهچايو، ۽ پوءِ سڀ گڏجي فوٽو ڪڍايو، جيڪو هن خاص موقعي کي يادگار بڻائي ويو۔ ڪنوار جي والد جو چوڻ هو ته “اسان کي لڳي رهيو هو ته خوشيءَ جو ڏينهن اڌورو رهندو، پر ريسڪيو 1122 اسان لاءِ نه رڳو مددگار ثابت ٿيو پر اسان جي خوشين جو به محافظ بڻجي ويو۔” ريسڪيو جي آفيسر چيو ته “اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، ماڻهن جي خوشين جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي۔” ريسڪيو پنجاب جي آفيسل اڪائونٽ تان به اهو پيغام ڏنو ويو ته هو ماڻهن جي خوشين جا محافظ آهن، جنهن تي سوشل ميڊيا تي ماڻهن وڏي واکاڻ ڪئي۔ ڪماليا راوي درياهه جي چاڙه سبب هن وقت سخت ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي۔ ڪيترن ڳوٺن جو شھرن سان رابطو ڪٽيل آهي، ماڻهو خوراڪ ۽ ضرورتن جي شين لاءِ به ٻيڙين تي ڀاڙين ٿا۔ اهڙي ڏکي وقت ۾، هڪ شادي کي ممڪن بڻائڻ نه صرف ڳوٺاڻن لاءِ خوشيءَ جو لمحو هو پر سڄي ملڪ ۾ هڪ اميد ۽ حوصلو بڻجي ويو۔