ڀارتي اداڪار ۽ فلمي ناقد ڪمال راشد خان تازو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيڻ واري دفاعي معاهدي تي پنهنجو تڪڙو تبصرو ڪندي، ان معاهدي کي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي عقلمندي ۽ حڪمت عملي جو ثبوت قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ڪمال راشد خان چيو ته جڏهن اسرائيل جي دهليز تي بنيامين نيٽن ياهو جي ڪا ڪارروائي ٿي ۽ آمريڪا (ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت) کان ڪو واضع ردعمل نظر نه آيو، ته محمد بن سلمان سمجهي ويو ته هو هاڻي آمريڪا ۽ اسرائيل تي ڀروسو نٿو ڪري سگهي. انهيءَ پسمنظر ۾، هن چيو، سعودي ولي عهد خاموشيءَ سان پاڪستان سان اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدو ڪيو — جنهن جي بنياد تي سعوديءَ کي هڪ نئون تحفظ مليو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت به آهي. ڪمال راشد خان وڌيڪ چيو ته هن معاهدي کان پوءِ سعودي عرب ‘رات وارن لمحن’ ۾ ايٽمي طاقت جهڙو تحفظ حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته نه اسرائيل ۽ نه ئي آمريڪا سعودي تي حملو ڪرڻ جي همت ڪندا. هن دعويٰ ڪئي ته محمد بن سلمان نه فقط آمريڪا، چين، روس يا نيٽو جي ميمبر ترڪي تي ڀروسو نه ڪيو، پر پاڪستان تي اعتماد ڪيو، جيڪو ايٽمي صلاحيت سان گڏ پنهنجي تيار ڪيل جديد JF-17 جنگي جهاز به رکندو آهي، جيڪو ڪنهن به هنڌ تي ڪارروائي جو اهل آهي. ياد رهي ته اوچتو نه رڳو ٻئي اڳواڻن جي ملاقات ٿي، پر اربع جي ڏينهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف جي موجودگي ۾ ٻئي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدي (SMDA) تي دستخط پڻ ڪيا ويا. معاهدي جي شقن موجب ڪنهن به ٻاهرين هٿياربند حملي کي ٻنهي ملڪن تي حملو سمجهيو ويندو ۽ معاهدو ٻنهي ملڪن جي ويجهن سيڪيورٽي ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ڪري ٿو.v