سکر: ڊويزن غلام مصطفي ڦل چيو آهي ته سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر سنڌ بلوچستان جو تجارتي حب آهي، هتان جي واپارين کي درپيش مسئلا حل ڪري انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ انتظاميا جو فرض آهي، شهر ۾ صفائي سٿرائي جي بهتري، نڪاسي نظام جي درستگي، روڊن جي تعمير، ٽريفڪ جام جي مسئلن جي حل سميت ٻين مسئلن جي خاتمي لاءِ واپارين جي تجويزن ۽ مشاورت سان قدم کڻنداسين، ته جيئن گڏيل ڪوششن جي ذريعي شهر کي مثالي شهر بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيدالفطر جي موقعي تي سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ، محمد منير ميمڻ سان ملاقات جي دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حاجي محمد جاويد ميمڻ ڪمشنر سکر غلام مصطفي ڦل کي عيد جو وڌايون ڏيندي چيو ته واپاري برادري هميشه سکر جي بهتر مفاد ۽ ان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ انتظاميه سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي، شهر ۾ پارڪنگ ايريا جي قيام، روڊن جي تعمير، صفائي سٿرائي ، تفريحي پارڪن جي بهتري، نڪاسي نظام جي درستگي سميت جيڪي به شهر جي بهتري جي لاءِ قدم کنيا ويندا سکر اسمال ٽريڊرز انتظاميه سان گڏ هوندي، ان موقعي تي ڪمشنر سکر غلام مصطفي ڦل جو وڌيڪ چوڻ هو ته سکر جا واپاري ۽ عوام پر امن ۽ انتظاميه سان تعاون ڪندڙ ماڻهو آهن، انشا الله جلد هڪ موثر حڪمت عملي ترتيب ڏيئي ڪري شهر جي بهتري جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻنداسين ته جيئن هتان جي رهواسين جون مشڪلاتون ختم ڪري انهن کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.