ڪنڌرا ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ شاندار ريلي

ڪنڌرا (رپورٽر: راشد گل ڪانڌڙو) 12 ربيع الاول، عيد ميلادالنبي ﷺ جي بابرڪت ڏينهن تي ميلاد مصطفىٰ ڪميٽي ڪنڌرا جي انتظام هيٺ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ بخشل ڪٽپر، جان محمد قادري، حاجي ڪبير ديدن (صدر ميلاد ڪميٽي)، فقير شاهنواز ناريجو (جنرل سيڪريٽري)، گل بهار فقير، مجيد ڪٽپر، استاد منظور ٻرڙو، فقير غلام نبي ڪانڌڙو، مجيب الرحمان، رضا شاهه ۽ ڪيترن ئي معزز ماڻهن سميت عاشقان رسول ﷺ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي مختلف ڳوٺن ۽ رستن تان گذري: مؤمن پلهه، طارڪي طريل، همن لوء روڊ، مزار جويو ۽ تاريخي ڳوٺ بخش ڪٽپر، جتي دعا ۽ نگر ٿي. بعد ۾ درگاهه علي عباس تي حاضري ۽ دعا ڪئي وئي. ريلي قادر بخش جي قبن واري رستي، ٽمونهن، ابيلوء روڊ ۽ ڳوٺ يار محمد ڪلهوڙي کان ٿيندي بائي پاس ذريعي فري روشن آباد پهتي، جتي پٽڻي، آمڀه ۽ جانوري وارن ڳوٺن جون ريليون به گڏ ٿيون. هتي فقير غلام نبي ڪانڌڙو ۽ جماعت سڳوريءَ نگر جو بندوبست ڪيو هو. نگر کان پوءِ ٻيهر دعا گهري وئي ۽ ريلي واپس ڪنڌرا پهتي، جيڪا شاھي بازار کان ٿيندي غوثيه جامعه مسجد ۾ اختتام پذير ٿي. مسجد ۾ وڏي جلسي جي صورت ۾ محفل ٿي، جتي ميلادالنبي ﷺ ۽ حضور ﷺ جي سيرت پاڪ تي تقريرون ڪيون ويون ۽ درود و سلام جون صدائون بلند ٿيون. آخر ۾ ميلاد مصطفىٰ ڪميٽي ڪنڌرا ميڊيا نمائندن ۽ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سڀني لاءِ دعا گهري.