ڪنڌڪوٽ:تنگواڻي لڳ ٻه هفتا اڳ هٿياربندن جي هٿان اغوا ٿي ويل بگٽي برادري چار نوجوان بازياب نه ٿي سگهيا

تفصيل موجب ٻھ ھفتا اڳ تنگواني لنڪ روڊ ۽ مڇي ٻنڍو واري علائقي مان مبينه اغوا ٿيل ٿيل ڊيره بگٽي واسي اسدالله۔ منظور۔ عرفان ۽ ھئيردين بگٽي کي ڪشمور پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام۔ مغوين جي وارثن جو مئن انڊس ھا۽ وي تي راجه لاڙو واري علائقي ۾ ٽائر ساڙي احتجاج ڪري چوٿون ڀيرو روڊ بلاڪ ڪيو ويو آھي۔ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب پنجاب کان سنڌ ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي۔ عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو آھي۔ ان موقعي تي مغوين جي وارثن نوروز خان بگٽي ۽ سعيد خان بگٽي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو آھي انڪري جو ڪشمور پوليس لاڳيتو اسانکي دلاسن ۾ رھائيندي آئي ته ڪچي ۾ آپريشن ھلي ٿو ۽ جلد مغوي بازياب ٿيندا۔ پر ھاڻي انھن اسانکي قبائلي تصادم ڏي موڙي ڇڏيو آھي۔ ھاڻي اسان جو جھيڙو ڪچي جي ڏوھارين سان نه پر پڪي جي سھولت ڪارن سان ٿيندو ۽ اسان تيستائين روڊ نه کولينداسين جيستائين چارئي مغوي واپس نه ٿيند