ڪنڌڪوٽ: آئي جي سنڌ ڪنڌڪوٽ پهتو، آئي جي جي آمد تي سيڪيورٽي سخت،

ڪنڌڪوٽ: آئي جي سنڌ ڪنڌڪوٽ پهتو، آئي جي جي آمد تي سيڪيورٽي سخت، ايندڙ ويندڙ رستن تي نفري مقرر، سخت سيڪيورٽي باوجود هٿياربندن حملو ڪري ھڪ نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي آمد تي وڌندڙ بدامني ۽ اغوا برائي تاوان، ڦر ۽ ڌاڙن واري واقعن خلاف جماعت اسلامي پاران حافظ نصرالله چنه، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، پوليس ڪناتون لڳائي مظاهرين کي ايس ايس پي آفيس ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، تنهن باوجود به مظاهرين ايس ايس پي ٻاهران سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ڪنڌڪوٽ آمد تي ڪنڌڪوٽ پوليس صحافين کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ايس ايس پي آفيس ۾ صحافين جي داخل ٿيڻ تي پابندي، ڪنڌڪوٽ پوليس جي پوليس ترجمان نادر چنه من پسند صحافي گهرائي ورتا، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي روايتي بيان بازي تي صحافين ڪو سوال نه ڪيو، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪچي ۾ آرمي آپريشن نه ٿيندو، سنڌ پوليس ڏوهارين جو خاتمو ڪندي، هوڏانهن هندو مغوي جا وارث ايس ايس پي آفيس پهچي ويا، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ملاقات ڪري هٿ جوڙي مغوي جي بازيابي لاءِ اپيل ڪندي روئي ڏنو، مغوي جي وارثن چيو ته غريب آهيون ڀنگ جا پئسه نه ٿا ڏئي سگهون، آئي جي سنڌ غلام بني ميمڻ پاران مغوي جي وارثن کي آٿت ڏيندي چيو ويو ته مغوي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي آمد تي امن و امان جي حوالي سان اهم اجلاس ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ منعقد ڪيو ويو، اجلاس ۾ صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي، ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون پڻ شريڪ هئا. واضح رهي ته ضلعي جي مختلف علائقن مان 40 کان وڌيڪ مغوي ڪيترن ئي مهينن کان ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي، ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني سبب هندو برادري جا ڪيترائي خاندان لڏ پلاڻ ڪري ويا، ڪيترائي لڏ پلاڻ لاءِ تيار.