ڪنڌڪوٽ : احساس ڪفالت جي هلندڙ قسط مان ڪٽوٽي جاري شڪايت ملڻ باوجود آيل آفيسرن ڊوائز هولڊرن سان ڊيلنگ ڪري ڇڏي ڏنو؟ ڪيترن ئي عورتن پاران 1000.1500.2500سو روپيا ڪٽوٽي جي شڪايتون مليون پر عمل نه ٿيو آيل آفيسرن ڊيلنگ ڪري ڇڏي ڏنو؟ سينٽر تي سهولتون نه هجڻ ڪري عورتون بيهوش ٿيڻ لڳيون ڊي سي منور مٺياڻي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين پر رابطو ناهي ٿي سگهيون انتظاميا جي منٿلي مقرر آهي ۽ گلي گلي ۾ ڊوائز هلندڙ آهي جنهن ڪري علائقي واسين ۽ پيسا وٺڻ لاء ايندڙ عورتن سان گڏ مردن ۾ جهيڙو ٿيو علائقي واسين چيو ته انتظاميا جي ملي ڀڳت گلي گلي ۾ ڊوائز هلي ٿي ۽ گلي گلي ۾ ايندڙ ويندڙ علائقي واسين کي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون اعلىٰ اختيارن کي گهرجي ته نوٽيس وٺي ڊوائز هولڊرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي