ڪنڌڪوٽ: السعيد جماعت ديراموڙ ڪشمور ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جو ساليانو پروگرام

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) السعيد جماعت يونٽ ديراموڙ ڪشمور پاران جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جو ساليانو پروگرام وڏي عقيدت ۽ احترام سان منعقد ڪيو ويو. پروگرام جي صدارت حضرت قبله پير سيد محسن علي شاهه بخاري ڪئي، جڏهن ته مھمانِ خاص طور خصوصي خطاب حضرت قبله پير سيد محمد سعيد شاهه قاظمي فرمايو. پروگرام ۾ علائقي جا علماءِ ڪرام، مذهبي اڳواڻ، شهر جون معزز شخصيتون ۽ عاشقانِ رسول ﷺ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. محفل جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، جنهن بعد نعت خوانن حافظ ظفر سعيدي، محمد آصف حسين حسيني، عبدالمجيد قادري ۽ ٻين حضور ﷺ جي شانِ اقدس ۾ نعتون پيش ڪيون. مفتي خالد حسين سڪندي عام خطاب ڪيو، جڏهن ته خصوصي خطاب حضرت قبله پير سيد محمد شاهه قاظمي (ملتان شريف) فرمايو. انهن پنهنجي تقرير ۾ حضور ﷺ جي حياتِ طيبه، اعليٰ اخلاق ۽ انسانيت لاءِ ڏنل تعليمات تي تفصيل سان روشني وڌي. اڳواڻن چيو ته ميلادالنبي ﷺ جي تقريبن جو مقصد محبت رسول ﷺ کي اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوان نسل کي سنت رسول ﷺ جي پيروي لاءِ همٿائڻ آهي. ان موقعي تي پير سيد احمد شاهه قاظمي نماز جي اهميت بابت زور ڀريو ۽ چيو ته “ايئن نه ٿئي جو آخرت جي ڏينهن حضور ﷺ جي اڳيان شرمسار ٿيون، تنهنڪري پاڻ به نماز پڙهو ۽ پنهنجي ٻچن کي به نماز پڙهايو، خاص طور تي ديني تعليم ڏيو.” پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي سنڌ جي ثقافت جا تحفا اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪيا ويا. آخر ۾ گڏيل دعائون گهريون ويون ۽ ميلاد پاڪ جو لنگر ورهايو ويو. ميزبانن ۾ عرفان علي سعيدي، قربان علي سعيدي، لياقت علي سعيدي، رحيم بخش سولنگي، معشوق خان سولنگي، مشتاق خان سولنگي، شهزادا سولنگي ۽ سولنگي برادري جا ٻيا فرد شامل هئا.