ڪنڌڪوٽ: امڪاني ٻوڏ بابت ضلعي انتظاميا جي تيارين جو جائزو، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، مير شبير علي ۽ مير محبوب علي بجاراڻي جي شرڪت

رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران ڪيل تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي، ايم پي اي مير محبوب علي بجاراڻي، سنڌ حڪومت پاران فوڪل پرسن ۽ فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وائس چيئرمين الطاف خان کوسو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد، صوبائي ۽ وفاقي کاتن جا نمائندا، 1122، ۽ فلاحي اين جي اوز جا نمائندا به موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا مڪمل تياري ۾ آهي، حفاظتي بندن سان گڏ ميڊيڪل ۽ وٽنري ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح ۽ بندن جي نگراني جاري آهي، جڏهن ته رليف ڪيمپون به سرڪاري عمارتن ۾ قائم ڪيون وينديون. ان موقعي تي ڊي ايڇ او سيد اعجاز علي شاهه ٻڌايو ته صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون آهن ۽ دوائن يا ويڪسين جي ڪا به کوٽ ناهي. وٽنري آفيسر اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته جانورن جي حفاظت ۽ وبائي بيمارين کان بچاءَ لاءِ به 5 مختلف هنڌن تي لائيو اسٽاڪ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جو خطاب صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته: “سنڌ حڪومت طرفان تيار ڪيل انتظامات هاءِ فلڊ سطح جا آهن. اسان سپر فلڊ جي به تياري ڪري رهيا آهيون. پ پ جي اعليٰ قيادت مسلسل رابطي ۾ آهي، جڏهن ته روينيو کاتي سميت لاڳاپيل عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. ڪچي جي متاثرن لاءِ حفاظتي بندن سان گڏ ميڊيڪل ۽ وٽنري ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. پاڻي جي سطح 6 لک کان وڌي 8 لک به ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري تيارين کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي. ان سان گڏوگڏ اربن فلڊ کان بچاءَ لاءِ به پلان تيار ڪيو وڃي.” مير شبير علي بجاراڻي جو خطاب ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي اجلاس سان ڳالهائيندي چيو ته: “هن ضلعي 2010 وارو وڏو سيلاب ڏٺو آهي، تنهنڪري اسان کي ان مطابق مڪمل تياري ڪرڻي آهي. سڀني صوبائي ۽ وفاقي کاتن کي هر وقت الرٽ رهڻو پوندو ۽ فوڪل پرسن جي هدايتن تي عمل ڪندي امڪاني ٻوڏ کي سهڻي نموني منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.”