خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد غوثپور کان ڪنڌڪوٽ طرف خريداري لاءِ ايندڙ موٽر سائيڪل سوار علي مراد عرف گڊو اوڳاھي کي ھٿياربندن بي خوف ٿي ڦرلٽ ڪري گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري ويا زخمي کي سول اسپتال آندو ويو جتي روايتي فرسٽ ايڊ ڏیئي سکر منتقل ڪيو ويو زخمي زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ھي زندگي جي جنگ ھارائي ويو لاش واپس اسپتال آندو ويو جتي قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو واقعي جي ڪجھ ڪلاڪ بعد بدنام ڏوھاري سوڍو نصيراڻي ۽ سندس جا ساٿي جديد ھٿيارن سان ڇتي ھوائي فائرنگ ڪندي قتل جو اعتراف ڪندي چوي ٿو ته علي مراد اوڳاھي کي قتل ڪري بدلو ورتو آهي جيڪا ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي قتل واقعي ۽ ڏوھارين جي خوشي ۾ فائرنگ واقعي جي باوجود پوليس مڪمل خاموش نظر آئي ڏوھارين پاران طاقت جو مظاھرو ڪري قانون ۽ پوليس کي سري عام چيلينج ڪيو آهي،