ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون جي حڪم مطابق ڪنڌڪوٽ ۾ نئي آيل ون فائيو مددگار انچارج خليل احمد لغاري جي اڳواڻي ۾ سي آءِ اي پوليس ۽ 15 مددگار جي زبردست ڪارروائي سونارڪي بازار ۾ دڪان تي ڇاپو هڻي ڪجھ جوارين کي گرفتار ڪري وٽان تاش جا پتا ۽ روڪ رقم ۽ موبائيل فون هٿ پوليس جوارين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ون فائيو مددگار انچارج خليل احمد لغاري چيو آهي ته جوارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وينديون شهر ۾ سماجي براين تي خاتمو آڻينداسين هُن چيو ته منهنجي مقرري کي ٿورو وقت ٿيو آهي انشاءَ اللّٰه شهر اندر ٿيندڙ وارداتن تي ضابطو آندو ويندو ۽ منشيات فروشن، جوارين ۽ سماج دشمنن خلاف ڪارروائي ڪري ڪنڌڪوٽ جي شهرين کي سڪون وارو ماحول فراهم ڪندس منهنجي ترجيح آهي ته شهر کي منشيات فروشن ۽ جوارين کان پاڪ ڪندس شهرين کي گهرجي ته اسان جي مدد ڪن ھوڏانھن زريعن موجب پڪڙيل جوارين وٽان اٺ لک ڪيش موبائيلون فون ء ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته پڪڙيل جوارين پاران پاڻ کي ڇڏرائڻ لاء ڊيل جون ڪوششون جاري آهن