ڪنڌڪوٽ : بخشاپور ڀرسان ڦُلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي ڊومڪي برادري جي ٻن ڌُرين وچ ۾ فائرنگ گوليون لڳڻ ڪري

ڪنڌڪوٽ :بخشاپور ڀرسان ڦُلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي ڊومڪي برادري جي ٻن ڌُرين وچ ۾ فائرنگ گوليون لڳڻ ڪري مال چاريندڙ دنار 10 سالا نينگر نوخاف ولد محمد بخش قتل ٿي ويو هڪ ڄڻو ذوالفقار جکراڻي زخمي ٿي پيو جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار اسپتال منتقل ڪيو ويو, فوتي نينگر جي وارثن پاران نينگر جو لاش بخشاپور انڊس هاء وي تي رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي نينگر جي وارثن فوٽو جکراڻي ميرحسن عنايت جکراڻي پٺاڻ خان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڊومڪي برادري جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندڙ آهي اسان جا ڇوڪرا مال چاري رهيا هئا ته بڊاڻي ڊومڪي برادري جي ماڻهن ڄاڻي واڻي انهن مٿان گوليون هلايون جنهن ۾ اسان جو هڪ 10 سالا نينگر فوت ٿي ويو آهي ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي بخشاپور پوليس جوابدارن متان ڪيس داخل ڪرائڻ کان لنوائي رهي آهي هن چيو ته ڪو زميوار آفيس اچي اسان سان ڳالهيون نه ڪندو ۽ جيسيتائي ڪيس داخل ٿيندو تيس تائين روڊ ڪون کولينداسي