ڪنڌڪوٽ : بڊاڻي ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ٿيل مير خان بنگوار ڏوهاري نه بلڪ اسڪول شاگرد نڪتو

ڪنڌڪوٽ : بڊاڻي ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ٿيل مير خان بنگوار ڏوهاري نه بلڪ اسڪول شاگرد نڪتوگبلو پوليس جي مُقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي عُمر 12 سالا آهي جنهن جو اسڪولي سرٽيفڪيٽ به اي ڊي اين نيوز هٿ ڪري ورتي آهي ڀرسان گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڀو خان بنگوار جو رھواسي اسڪول جو شاگرد مير خان بنگوار کي گذريل ڏينهن گُبلو ٿاڻي جي پوليس ڪوڙو مُقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو وارثن ميڊيا اڳيان دانھيدي چيو ته گذريل ڏينهن رات جو اسان جا 2 ڇوڪرا پنهنجي مائٽ جي اوطاق تي ويل ھيا اتان پنهنجي رشتيدار کان آڌيري ٻڪري وٺي تقريبن 10بجه موٽرسائيڪل تي ٻڪري کڻي گهر طرف اچي رهيا هئا کاھي پل وٺ بيٺل پوليس انهن مٿان سدي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن ۾ اسان جو 12سالن جو شاگرد مير خان بنگوار شھيد ٿي ويو 11سالن جو مراد علي بنگوار رڙيو ڪري جان بچائي ڀڄي نڪتو وارثن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي