ڪنڌڪوٽ: جمعيت علماء طاھریہ پاران روحاني رهنما محبوب سڄڻ سائین جي سالگرھ تقريب، عالم اسلام جي اتحاد تي زور

ڪنڌڪوٽ جمعیت علماء طاھریہ ضلع ڪشمور ایٽ ڪنڌڪوٽ پاران غفاري مسجد ڪنڌڪوٽ ۾ پنھنجي روحاني رھبر ۽ مرشد ۽ درگاھ اللہ آباد شریف ڪنڊیارو جی گادي نشین حضرت خواجہ محمد طاھر المعروف محبوب سڄڻ سائین جن جي سالگرھ مبارڪ جی تقریب منعقد ڪئي وئي، تقریب جي صدارت جماعت اصلاح المسلمین ضلع ڪشمور ایٽ ڪنڌڪوٽ جی صدر خلیفہ حافظ ذوالفقار علي اوڳاھي طاھری جن ڪئي، ان کان علاوہ تقریب ۾ جمعیت علماء طاھریہ جي صدر مولانا محمد عالم اوڳاھي طاھری،جنرل سیڪریٽری مولانا سائین بخش ملڪ طاھری،فنانس سیڪریٽری حافظ غلام مصطفا بنگوار طاھري، آفیس سیڪریٽری مولانا ریاض حسین اوڳاھي، معاون صدر مولانا خلیفہ محمد زمان اوڳاھي، معاون صدر دوئم مولانا حافظ نیاز حسین گولو طاھري ،معاون جنرل سیڪریٽری مولانا محمد عثمان اوڳاھي طاھری ,معاون پریس سیڪریٽري مولانا منظور احمد شیخ طاھري بہ موجود ھئا ، تقریب جي شروعات تلاوت ڪلام پاک سان ڪئي وئي، انکان بعد نعت و منقبت پیش ڪئي وئی، تقریب کی مختصر خطاب ڪندی جماعت اصلاح المسلمین ضلع ڪشمور ایٽ ڪنڌڪوٽ جي صدر خلیفہ حافظ ذوالفقار علي اوڳاھي طاھري صاحب جن فرمایو تہ اڄ اسان پنھنجي روحاني رھبر ۽ مرشد جی سالگرھ ملھائي رھیا آھیون ۽ اڄ سندن جي ان عظیم انسانیت جي پیغام کي عام ڪرڻ جی ضرورت آھي جيڪي پوري دنياکي اخوت جو درس ڏيءي رھيا آھن، اڄ پوری امت کی متحد ٿيڻ جي سخت ضرورت آھي،اڄ اسان مسلمان فرقہ پرستي جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آھیون ان ڪري اڄ پوری دنیا ۾ مسلمان تڪلیفن کی منھن ڏیئي رھیا آھن، فلسطین م بیگناھ مسلمان شھید ٿي رھیا آھن ۽ افسوس جو مسلمان ملڪ خاموش تماشائي بٹیل آھن،جنھنجو سبب نسلي ء مذھبی تعصب پرستی آھي، آخر ۾ سالگرھ جو ڪیڪ ڪٽیو ویو ۽ پوری عالم اسلام خصوصاً فلسطین جي مسلمانن جي لاء خصوصي دعا گھری وئي۔۔